فلم ”پي ڪي“ رليز جي پهرين ڏينهن 25 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪري ورتو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم ”پي ڪي“ پنهنجي رليز جي پهرين ڏينهن 25 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو بزنس ڪري ورتو. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب هدايتڪار راج ڪمار هيراني جي فلم پهرين ڏينهن 26.63 ڪروڙ

رپين جو بزنس ڪيو. واپاري تجزيو ڪندڙ ڪمال نهتا سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي ٽوئٽ ڪندي چيو ته فلم باڪس آفيس تي سٺو بزنس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *