فلم پروڊڪشن سان محبت آهي:چارليز

لاس اينجلس (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا چارليز ٿيرون چيو آهي ته هن وقت سندس هدايتڪاري ڪرڻ جو ڪو به ارادو نه آهي، چارليز چيو ته هن کي فلم پروڊڪشن سان محبت آهي، هدايتڪاري لاءِ ڪنهن ٻئي ماڻهو جو هجڻ ضروري آهي ته جيئن فلم جي ناڪامي جي صورت ۾ ان کي ذميوار قرار ڏئي سگهجي. سنو وائيٽ اداڪارا چيو ته مان پنهنجي ادڪاريءَ واري شعبي مان مطمئن آهيان ۽ سٺو ڪم هلي رهيو آهي، واڌو ذميواريون نڀائڻ جو في الحال ڪو ارادو ناهي. چارليز چيو ته سندس نئين فلم ”ميڊ ميڪس-فيوري روڊ“ بهترين فلمن مان هڪ آهي، هن چيو ته ميڊ ميڪس جو تجربو منهنجي زندگيءَ جي ڪارائتن تجربن مان هڪ آهي. ميڊ ميڪس فيوري روڊ عوام کي ضرور پسند ايندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *