فلم نگريءَ ۾ ماڻهو اداڪار کي ان جي ڪردار جي ڪري سڃاڻندا آهن: ڪنگنا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت چيو آهي ته فلم نگريءَ ۾ ماڻهو اداڪار کي ان جي ڪردار جي ڪري سڃاڻندا آهن. ڀارتي خابرو اداري موجب هڪ انٽرويوءَ ۾ ڪنگنا چيو ته فلم نگريءَ ۾ هر اداڪار کي پنهنجي ڪردارن جي ڪري سڃاتو ويندو آهي ۽ مخصوص ڪردار تي خاص ڇاپ به لڳي ويندي آهي. اداڪارا جو چوڻ هو ته ان تي به بولڊ ڪردارن جي ڇاپ لڳي وئي هئي ان لاءِ هن فلم ”ڪوئين“ ۾ سادي ڇوڪريءَ جو ڪردار نڀايو، جيئن مون مٿان اهڙي ڇاپ هٽي وڃي جنهن ۾ مان ڪامياب به وئي آهيان. ڪنگنا فلمي ڪيريئر جي شروعات سال 2006ع ۾ فلم ”گينگسٽر“ سان ڪئي هئي، سندس هٽ فلمن ۾ فيشن ۽ ڪوئين شامل آهن. اهي ئي فلمون سندس مشهوريءَ جو سبب بڻيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *