فلم ”فاسٽ اينڊ فيوريس-7“ رليز جي 17 ڏينهن اندر هڪ بلين ڊالر کان وڌيڪ ناڻون ميڙڻ ۾ ڪامياب وئي

واشنگٽن (شوبز نيوز) فلم ”فاسٽ اينڊ فيوريس-7“ رليز جي 17 ڏينهن اندر هڪ بلين ڊالر کان وڌيڪ ناڻون ميڙڻ ۾ ڪامياب وئي آهي، هڪ ميڪگزين جي رپورٽ موجب ايڪشن ۽ رفتار جي ستين قسط پهرين اپريل تي وڏي پردي تي رليز ڪئي وئي هئي، فلم آمريڪي باڪس آفيس تي 265.35 ملين ڊالر ۽ ٻين هنڌن تي 735.5 ملين ڊالر ڪمائڻ ۾ ڪامياب وئي آهي. ليوڊاڪرس جنهن فلم ۾ اهم ڪردارا دا ڪيو آهي، انسٽاگرام تي فلم جي هڪ تصوير اپلوڊ ڪئي ۽ لکيو ته هڪ بلين! ۽ هن پنهنجي چاهيندڙن جا ٿوريا مڃيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *