فلم دل والي دلهنيا لي جائينگي جي هزار هفتن جو جشن

ممبئي (شوبز نيوز) دل والي دلهنيا لي جائينگي اعتبار جي لحاظ کان هڪ ڪلاسيڪل فلم آهي، جڏهن ته راج ۽ ثمرن ته هندستان ۾ رومانس جي آئيڪن سمجهيو وڃي ٿو، هن فلم جي رليز کي هڪ هزار هفتا مڪمل ٿي ويا آهن ۽ ان موقعي تي يشڪراج فلم ان جو هڪ نئون ٽريلر جاري ڪيو آهي. 1995 ۾ رليز ٿيندڙ شارخ خان ۽ ڪاجل جي مشهور فلم دل والي دلهينا لي جائينگي 19 سالن کان مسلسل جي ممبئي جي سينيمائن گهرن ۾ لڳل آهي، جڏهن ته 12 ڊسمبر تي فلم جا جڏهن هزار هفتا پورا ٿي ويندا ته ان ٺيٽر مان هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. گذريل ڪيترن ئي سالن کان ان فلم جو هڪ شو صبح ساڍي يارهين وڳي کان ڏيکاريو پيو وڃي، ممبئي جي معروف انگريز اخبار مڊوي سان ڳالهائيندي مراٺا مندر جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر منهوج جو چوڻ هو ته فلم ڪافي عرصي کان سٺو بزنس ڪري رهي هئِ پر گذريل ڪجهه وقت کان ٽڪيٽن جي وڪري ۾ لاٿ آئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *