فلم ”خاموشيان” 30 جنوري تي رليز ٿيندي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ فلمساز مهيش ڀٽ چيو آهي ته فلم ”خاموشيان“ جو گانو ”تو هر لمحه، سندس فلم ”عاشقي 2“ جي گاني”تم هي هو” سان ملندڙ جلندڙ آهي. پنهنجي تازي انٽرويو ۾ مهيش ڀٽ چيو آهي ته ماڻهن کي اهو گانو ٻڌي ساڳيو تاثر ملندو جيڪو ”تم هي هو“ ٻڌي مليو هو. فلم ”خاموشيان” جنهن جي مرڪزي ڪاسٽ ۾ گورميت چوڌري، علي افضل ۽ سپنا آهن. اها فلم 30 جنوري تي سينيما گهرن جي زينت بڻجندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *