فلم ”تيور“ تامل فلم ”اوڪادو“ جو ريميڪ ناهي: هدايتڪار اميت شرما

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ هدايتڪار اميت شرما چيو آهي ته سندس فلم ”تيور“ تامل فلم ”اوڪادو“ جو ريميڪ ناهي. هدايتڪار پنهنجي تازي انٽرويو ۾ چيو ته هو مڃي ٿو ته سندس فلم ”تيور“ جي ڪهاڻي فلم اوڪاڊو مان ماخوذ آهي پر اها فلم جي هندي ريميڪ فلم ناهي. هن اسڪرپٽ ۾ ڪافي تبديلي پڻ ڪئي، کيس فلم ترتيب ڏيڻ ۾ 7 مهينن جو عرصو لڳو. هن لاءِ سڀني کان وڏو چئلينج منوج باجبائي کي فلم ۾ ڪرڻ لاءِ راضي ڪرڻ هو. هو خوش آهي ته منوج سندس خواهش جو احترام ڪري ڪيو ۽ فلم ۾ ڪم ڪرڻ تي راضي ٿيو. فلم جي هيروئن سوناڪشي آهي، هن ٻُڌايو ته سونا ڪشي فلم ۾ ڪردار جي مناسبت سان وزن گهٽايو آهي ۽ هاڻي هوءَ مڪمل فٽ آهي. فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ ارجن ڪپور شامل آهي. فلم جلدئي سئنيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *