فلم ”بينگ بينگ“ 12 آڪٽوبر تي ڀارت سميت 50 ملڪن جي 45 هزار سئنيما گهرن ۾ نمائش لاءِ هڪ ئي وقت پيش ڪئي ويندي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووBang-Bangڊ فلم ”بينگ بينگ“ سڀاڻي (خميس) تي ڀارت سميت سڄي دنيا جي 50 ملڪن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي. فاڪس اسٽار اسٽوڊيوز جي سي اي او پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيوآهي ته فلم ”بينگ بينگ“ 12 آڪٽوبر تي ڀارت سميت 50 ملڪن جي 45 هزار سئنيما گهرن ۾ نمائش لاءِ هڪ ئي وقت پيش ڪئي ويندي. هن چيو ته برطانيه، آمريڪا ۽ وچ اوڀر ۾ فلم نمائش لاءِ رڪارڊ تعداد ۾ سئنيما گهر بڪ ٿي چڪا آهن فلم ۾ بالي ووڊ اداڪار رتيڪ روشن ۽ ڪترينه ڪيف مرڪزي ڪردار ۾ نظر ايندا. فلم جا ايڪشن سان ڀرپور ٽريلرز ۽ گانا پهريان کان ئي مقبوليت ماڻي چڪا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *