فلم ”اگلي“ 20 ڊسمبر تي رليز ٿيندي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ فلمساز انوراگ ڪشيپ جي فلم ”اگلي“ 20 ڊسمبر تي سئنيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي. اگلي جي اهمڪاسٽ ۾ راهول ڀٽ، رونيت راني، گريش ڪلڪرني، سدهانت ڪپور، تياسوني ڪولياپور ۽ ٻيا شامل آهن. انوراگ پنهنجي انٽرويو ۾ چيو ته عدالت فلم ”اگلي“ جي نمائش کي ان ڪري روڪي رکيو ڇو ته هن فلم ۾ سگريٽ ۽ شراب نوشي ڏيکاري وئي آهي، جيڪا فلم اسڪرپٽن جي ڊماند آهي. هن هڪ سال تائين عدالت ۾ ڪيس وڙهيو آهي، جنهن کانپوءِ ان کي فلم جي نمائش لاءِ اجازت ڏني وئي آهي. هن چيو ته هو ان معاملي کي ختم نٿو ڪري بلڪه سمجهوتو ڪري رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *