فلم ”ايڪشن جيڪسن” جو پهريون پوسٽر جاري ڪيو ويو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم ”ايڪشن جيڪسن” جو پهريون پوسٽر جاري ڪيو ويو. بالي ووڊ فلم ”ايڪشن جيڪسن” جنهن جي مرڪزي ڪاسٽ ۾ اداڪار اجي ديوگن ۽ اداڪاره سونا ڪشي شامل آهن، جو پهريون پوسٽر جاري ڪيو ويو آهي. ان پوسٽر ۾ باهه جي منظر ۾ هيلي ڪاپٽر کي اڏندي ڏيکاريو ويو آهي. پوسٽر جي هڪ ڪنڊ تي اجي ديوگن هٿ ۾ بندوق جهليندي نظر اچي رهيو آهي ۽ ساڻس گڏ ٽئي اداڪارائون سونا ڪشي سنها، مناسوي ممگٽي ۽ يمي گوتم خوبصورت انداز ۾ بيٺل آهن. فلم جو هدايتڪار شاد علي آهي. اها فلم 5 ڊسمبر تي سينيما گرن جي زينت بڻجندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *