فلم انڊسٽري ۾ تجربي جي تمام اهميت آهي، اداڪار سعود

ممبئي(شوبز نيوز)فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪار سعود  جو چوڻ هو ته، مون کي تمام گهڻو سکڻ جو موقعو مليو ۽ اڄ جنهن مقام تي آهيان، انهن ئي ماڻهن جي ڪري آهيان، جنهن هر قدم تي منهنجو ساٿ ڏنو، فلم انڊسٽري ۾ تجربي جي وڏي اهميت آهي، فلمي صنعت جي لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪرڻ لاءِ سٺن ڪمن ڪرڻ جو فن ڄاڻڻو آهي، ته هو عوام جي مزاج کي سمجهي ڪم ڪن ٿا. گذريل ڪجهه سالن کان جيڪي ماڻهو فلمون ٺاهي رهيا آهن، انهن وٽ تجربي جي کوٽ آهي، ان جي لاءِ اڃان انهن کي وقت گهرجي، انڊسٽري سان لاڳاپيل انهن ماڻهن کي به اڳيان اچڻ گهرجي.هن فلم جي ڪهاڻي تمام سٺي آهي، اميد آهي ته هي فلم عوام کي پسند ايندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *