فلم ”الون“ جو ٽريلر يو ٽيوب تي ڏسندڙن جو تعداد 60 لک ٿي ويو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم ”الون“ جو ٽيلر يو ٽيوب تي ڏسندڙن جو تعداد 60 لک ٿي ويو آهي. ڀارتي ميڊيا مطابق فلم الون جو ٽريلر جاري ٿيڻ کان پوءِ هن وقت تائين يو ٽيوب تي ان کي 60 لک ماڻهو ڏسي چڪا آهن. اهو يوٽيوب تي گهٽ عرصي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏٺو ويندڙ هارر فلم جو ٽريلر بڻجي ويو آهي. ٽريلر کي جاري ٿيندي هڪ هفتو مڪمل ٿي ويو آهي ان جي باوجود ٽريلر ڏسندڙن جي تعداد م گهٽتائي نه ٿي آهي ۽ ان جي شهرت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *