فرحان اختر نئين فلم ”ڊو” لاءِ وزن وڌائيندو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ۽ پروڊيوسر فرحان اختر نئين فلم لاءِ وزن وڌائيندو. ذريعن مطابق بالي ووڊ اداڪار ۽ پروڊيوسر فرحان اختر جنهن جو شمار بالي ووڊ جي ڪامياب هيروز ۾ ٿئي ٿو، نئين فلم ”ڊو” لاءِ وزن وڌائيندو ڇو ته هو ان فلم ۾ ايٿليٽ جو ڪردار نڀائيندو. کيس پنهنجي وزن ۾ 8 ڪلو جو اضافو ڪرڻو آهي تنهن ڪري هن کاڌي ۾ ڪيلريز جو مقدار وڌائي ڇڏيو آهي ته جيئن ڪردار سان مڪمل انصاف ڪري سگهي. فرحان اختر ”ڀاگ ملڪا ڀاگ ۾ به ايٿليٽ جو ڪردار نڀائي چڪو آهي جنهن ۾ هو ڏورا ٺاهيندي نظر اچي ٿو.ا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *