عنايت حسين ڀٽي کي مداحن کان وڇڙندي 16 سال گذري ويا

گجرات(ڪلچرل نيوز) سهڻي جي شهر گجرات کان اڀرندڙ عنايت حسين ڀٽي جو دل کي وڻدڙ آواز اڄ به مداحن جي ڪنن ۾ گونجي رهيو آهي،عنايت حسين ڀٽي لوڪ فنڪار ۽ ڳائڻ سان گڏوگڏ اداڪار، پروڊيوسر، ڊائريڪٽر، اسڪرپٽ رائيٽر، سوشل ورڪر، ڪالمنسٽ ۽ مذهبي اسڪالر به هو، لاهور ريڊيوکان ڳائڻ جي شروعات ڪرڻ وارو عنايت حسين ڀٽي جي پهرين فلم“ پهيري” ۾ گانن راتون رات شهرت جي بلندين تائين پهچائي ڇڏيو، ڳائڻ سان گڏوگڏ هن 300 کان وڌيڪ فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر به ڏيکاريا عنايت  حسين ڀٽي اردو، پنجابي، سنڌي، سرائيڪي ۽ بنگالي ۾ 2500 کان وڌيڪ ڳانا ڳايا، 1997ع ۾ فاليج جي حملي جي ڪري عنايت حسين ڀٽي جا مداح روح کي راحت ڏيندڙ آواز کان محروم ٿي ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *