عمران هاشمي ڪرڪيٽر اظهر الدين جي آتم ڪٿا تي ٻڌل فلم ۾ مرڪزي ڪردار نڀائيندو

ممبئي (شوبز نيوز)هالي ووڊ اداڪار عمران هاشمي اڳوڻي ڪرڪيٽر اظهر الدين جي آتم ڪٿا تي ٻڌل فلم ۾ مرڪزي ڪردار نڀائيندو. سڌ سماءَ جي ذريعن موجب هالي ووڊ اداڪار عمران هاشمي اڳوڻي ڪرڪيٽ رانديگر اطهر الدين جي آتم ڪٿا تي ٻڌل فلم جنهن جو نالو اڃان ناهي رکيو ويو ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندو. ان حوالي سان عمران هاشمي جو چوڻ آهي ته فلم جو مضمون راند کان وڌيڪ هڪ ڪرڪيٽ رانديگر جي زندگي تي ٻڌل آهي. ان ۾ هن جو ڪردار گهڻو چئلينجنگ نوعيت جو آهي ڇو ته اظهر الدين جي شخصيت سان بلڪل مختلف نوعيت جي آهي هو هڪ مختلف انسان جو ڪردار نڀائيندو. هو ڪوشش ڪندو ته ڀرپور نموني سان فني صلاحيتون استعمال ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *