عمران خان جي گهرواري ريحام خان هاڻ پشتو فلمون ٺاهيندي

اسلام آباد(شوبز نيوز)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي گهرواري ريحام خان صحافت کانپوءِ هاڻ فلم انڊسٽري جي دنيا ۾قدم رکڻ جو فيصلو ڪيو اهي ۽ هوءَ پشتو ۽ اردو فلمون ٺاهيندي، عمران خان سان شادي کانپوءِ رحام فلميون ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي ريحام جي پهرين فلم مشهور پشتو شاعر خوشحال خان خٽڪ جي زندگي تي ٺاهيندي، ان کان علاوه هوءَ ٻن مقامي پروڊڪشن هائوسز سان گڏجي به فلمون پروڊيوس ڪندي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي پنهنجي پيغام ۾ ريحام خان جو چوڻ هو ته هوءَ پشتو ثقافت ۽ تاريخ کي جديد ڪرڻ جي خواهشمند آهي اهو ئي سبب آهي جو هن خوشحال خان خٽڪ جي زندگي تي فلم ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي هن جو چوڻ هو ته پشتو کان علاوه نجي ادارا گڏجي هڪ اردو مزاحيه فلم تي به ڪم ڪري رهيا آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *