عدالت طارق ٽيڊي جي گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور(اسپورٽس نيوز) اسٽيج ڪاميڊين  طارق ٽيڊي  کي عدالت هٿڪڙيون لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ان تي الزام هو ته هو پنهنجي ٻارن کي خرچ نه ڏئي رهيو هو، لاهور جي فيملي ڪورٽ ۾ طارق ٽيڊي جي گهرواري عاصمه ٻارن جي خرچ جي اپيل داخل ڪرائي آهي جنهن ۾ موقف بيان ڪيو ويو آهي ته 2 پٽن جي پيدائش کان پوءِ طارق ٽيڊي انهن کي گهر مان ڪـڍي ڇڏيو هو، 2011 کان ٻارن جو خرچ به بند ڪري ڇڏيو ، عدالت جي هر هر  گهرائڻ جي باوجود پيش نه ٿيڻ تي طارق ٽيڊي جا عدالت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 16 مارچ تي ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *