عامر خان 21هزار ڇوڪرين کي “رد” ڪري ڇڏيو

مبمئي(شُوبز نيوز) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪار عامرخان هنن ڏينهن ۾ پنهنجي ايندڙ فلم “دنگل” جي تياريءَ ۾ مصروف آهي جنهن ۾ هو هڪ پهلوان جو ڪردار نڀائي رهيو آهي. هن فلم جي خاص ڳالهه اها به آهي ته  عامرخان پهريون ڀيرو چئن ڌيئن جو پيءُ جو ڪردار نڀائيندو ۽ انهن چئن ڇوڪرين جو ڳولا جو ڪم اڃان تائين هلي رهيو آهي. فلم “دنگل” جي لاءِ هن وقت تائين 21هزار ڇوڪرين جا آڊيشن ورتا ويا آهن.پهرين اهي ڳالهيون هلي رهيون ته هن فلم لاءِ ناليواري اداڪارا ڪنگنا راناوت جي باري ۾ غور ڪيو پيو وڃي پر ڪنگنا ان ڳالهه کي رد ڪري ڇڏيو آهي. خبرن مطابق هن فلم لاءِ هڪ به ڇوڪري فلم انڊسٽري مان نه هوندي. ڇوته هن فلم لاءِ عام ڇوڪرين جي ڳولا آهي جيڪي پردي تي پهرين ڪڏهن به نظر نه آيون هجن. فلم جي سٿ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ وڃي هزارين ڇوڪرين جا آڊيشن ورتا آهن جيڪو رياست هريانا، اترپرديش، راجستان، مدهيا پرديش سان گڏ ڪيترن ئي ٻين شهرن ۾ به ڪيو ويو. فلم جي ڪاسٽ جي باري ۾ عامرخان سان گڏوگڏ فلمجي ڊاريڪٽر ۽ پروڊيوسر سڀ سنجيده آهن. اهي سڀ فلم سان لاڳاپيل هر شيءَ تي خاص ڌيان ڏين پيا. جڏهن ته فلم جي مڪمل ڪاسٽ اڃان تائين طئي نه ٿي آهي. هن فلم لاءِ عامرخان پنهنجو وزن وڌائي90 ڪلو تائين ڪيوآهي. هونئن به عامرخان فلم انڊسٽري ۾ “مسٽر پرفيڪشنسٽ” جي نالي سان مشهور آهي ۽ جيستائين کيس پرفيڪٽ ڪاسٽ نه ملندي، فلم جي شوٽنگ شروع نه ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *