عامر خان پاڪستان ويب سائيٽن تي سندس انٽرويو ۾ غلط نامزد ڪرڻ تي حرجاني جو نوٽيس موڪلي ڇڏيو

ئين دهلي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪار عامر خان پاڪستان ويب سائيٽن تي سندس انٽرويو ۾ غلط نامزد ڪرڻ تي حرجاني جو نوٽيس موڪلي ڇڏيو، عامر خان پنهنجي وڪيل آنند ديسائي وسيلي پاڪستاني ويب سائيٽن کي کيس هڪ انٽرويو ۾ زوري شامل ڪرڻ تي نوٽيس موڪليو، عامر موجب هن ڪنهن به قسم جو انٽريو ناهي ڏنو. عامر خان جي وڪيل موجب ويب سائيٽن جي اهڙي حرڪت سبب هن جي چاهيندڙن سندس بابت غلط راءِ جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، عامر جي وڪيل آنند ديسائي موجب عامر خان هن وقت آمريڪا ۾ آهي ۽ موٽندي ئي سائبر ڪرائيم تحت ممبئي پوليس ۾ ڪيس به داخل ڪرائيندو. ياد رهي ته عامر خان جي مشهور فلم ”پي ڪي“ کان پوءِ ڪجهه پاڪستاني ويب سائيٽن عامر خان بابت هڪ انٽرويو هلايو هو، جنهن ۾ هن کان ڪيترائي سوال ڪيا ويا ۽ انهن مان هڪ سوال هو ته اوهان جي فلم ۾ مندر مان پئسا چورائڻ جو سين ته آهي پر  ڪنهن درگاهه تان چادر چورائڻ جو سين ڇو ناهي، تنهن عامر جو جواب هو ته پئسن سان گذران ٿي سگهي ٿو جڏهن ته چادر سان ڪجهه به نه ٿي سگهندو. تنهن انٽرويو بابت عامر خان جو چوڻ آهي ته اهڙو انٽرويو هن ڏنو ئي ناهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *