عامر خان جي 90 ڪلو وزن وڌائڻ سان ماءُ ۽ گهر واري پريشان

ممبئي(شوبز نيوز): بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪٽ عامر خان پنهنجي نئين فلم جي لاءِ وزن 90 ڪلو تائين وڌائي ڇڏيو، جنهن تي هن جي والده ۽ گهر واري پريشان آهن، هو فلم دنگل ۾ هڪ پهلوان جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.  عامر خان ٻڌايو ته وزن  جي گهٽ وڌ ۾ هن جي والده ۽ گهر واري سخت پريشان آهن، هو سمجهن ٿيون ته  مان پنهنجي صحت سان کيڏي رهيو آهيان،  هو سمجهي ٿو ته ريسلر لاءِ 90 ڪلو وزن ڪافي آهي. مسٽر پرفيڪٽ چيو ته  پراجيڪٽ جي خاتمي کانپوءِ پراڻي جسامت بحال ڪرڻ جو پڻ عزم ڪيو آهي. ڊسمبر تائين شوٽنگ ختم ٿي ويندي. پوءِ وري 5 مهينن اندر وزن گهٽ ڪندس. وزن گهٽ ٿيڻ کانپوءِ 2016ع ۾ هڪ نئون پراجيڪٽ آهي، جوان ڪردار آهي. ان جي تڪميل  کانپوءِ ٻيهر پي ڪي ۾ ڪيل ڪردار ۾ نظر ايندس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *