عامر خان جي نئين فلم ”پي ڪي“ 10 ڏينهن ۾ 433 ڪروڙ ڪمائي ورتا

ممبئي(شوبز نيوز): عامر خان جي نئين فلم پي ڪي 10 ڏينهن  ۾ 236 ڪروڙ ڪمائي ورتا جنهن کانپو ءِهي فلم ڀارتي فلمن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪاروبار ڪندڙ فلمن ۾ ٻئي نمبر تي اچي وئي آهي ڀارتي فلم پي ڪي ڀارت ۾ 236 ڪروڙ جڏهن ته پوري دنيا ۾ 433 ڪروڙن جو ڪاروبار ڪري ورتو جنهن کانپوءِ ان فلم بزنس جي حوالي سان شاهه رخ جي فلم چنائي ايڪسپريس جو به رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو ڀارتي فلم چنائي ايڪسپريس پوري دنيا ۾ 10 ڏينهن ۾ 422 ڪروڙ ڪمايا هئا، پرستارن جو چوڻ آهي ته هي فلم انهن کي ڏاڍي پسند آئي آهي جنهن سبب هو هر هر ان فلم کي ڏسڻ لاءِ اچن ٿا جنهن سبب ان فلم رڪارڊ بزنس ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *