صرف 17 سالن جي عمر ۾ بالي ووڊ ۾ انٽري ڏني هئي: پريانيڪا

ممبئي (شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ڳائڻي پريانڪا چوپڙا کي بالي ووڊ نگريءَ ۾ قدم رکندي 12 سال مڪمل ٿي ويا. اداڪارا پنهنجي ڪاميابيءَ تي شوقينن ۽ چاهيندڙن جا ٿورا مڃيا آهن. ميري ڪوم، فيشن ۽ برفي جھڙيون ڪامياب فلمن جي هيروئن پريانڪا چوپڙا بالي ووڊ نگريءَ ۾ 12 سال پورا ڪري ورتا آهن. پريانڪا ٽوئٽر تي پنهنجي چاهيندڙن جا ٿورا مڃيندي چيو ته هن صرف 17 سالن جي عمر ۾ بالي ووڊ ۾ انٽري ڏني هئي، پريانڪا بالي ووڊ فلم انڊسٽريءَ کي ڪامياب فلمون ڏنيون آهن، جڏهن ته هن موسيقي البم جي لاءِ ڳائڻ جا جوهر به ڏيکاريا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *