شڪتي ڪپور فلم ۾ ڪردار لاءِ پنهنجو وزن 8 ڪلو گهٽائي ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار شڪتي ڪپور فلم ”شملا مرچي“ ۾ ڪردار لاءِ پنهنجي وزن ۾ 8 ڪلو گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي، ميڊيا ذريعن موجب شڪتي ڪپور رميش سپي جي فلم ”شملا مرچي“ ۾ ڪردار جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ پنهنجو وزن گهٽايو آهي، هن وزن گهٽائڻ لاءِ اداڪاره شرڌا ڪپور سان روزانو گڏجي جيم وڃڻ شروع ڪيو هو، جنهن ڪري هاڻي هو ڪردار لاءِ بلڪل تيار ٿي چڪو آهي، رپورٽ موجب هن ڪردار ڀرپور نموني نڀائڻ لاءِ تربيتي ڪلاس پڻ ورتا آهن، فلم جي ٻا ڪاسٽ ۾ هيما مالني، راج ڪمار ۽ ٻيا شامل آهن، فلم جي عڪسبندي جلد شروع ٿيندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *