شهروز سبزواري به بالي ووڊ فلم ”لو اسٽوري“ ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندو

ڪراچي(شوبز نيوز): مشهور اداڪار شهروز سبزواري به بالي ووڊ فلم لو اسٽوري ۾ پنهنجي ادڪاري جا جوهر ڏيکاريندو بالي ووڊ بي ٽائون جي مشهور بنگالي ڊائريڪٽر رنگو بنارجي ۽ پروڊيوسر شامڪ باسو جي فلم لو اسٽوري جي ڪهاڻي ٽن دوستن جي چوڌاري گهمي ٿي جنهن ۾ شهروز سبزواري سان گڏ بالي ووڊ جا 2 اداڪار بيديتا ۽ آرين اداڪاري ڪندي نظر ايندا، فلم جي شوٽنگ لاءِ شهروز سبزواري جنوري جي آخر ۾ ڀارت ويندو جتي فلم جي شوٽنگ ڪلڪتا ۾ شروع ٿيندي، شهروز سبزواري جو انڊين فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي حوالي سان چوڻ هو ته انڊيا ۾ ٽيلينٽ جي تمام گهڻي قدرڪئي وڃي ٿي، بنگالي ڊائريڪٽر منهنجي ڪم تي اعتماد ڪيو آهي منهنجي ڪوشش هوندي ته پنهنجي ڪم سان ان کي مطمئن ڪريان ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *