شاهه رخ خان به پاڪستاني اداڪاره ماهره خان جو مداح نڪتو

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ ڪنگ خان شاهه رخ خان به پاڪستاني اداڪاره ماهره خان جو مداح نڪتو ۽ هن جو چوڻ آهي ته مون کي گهڻو پهريان ان سان گڏ ڪم ڪرڻ گهرجي ها، ڀارتي ميڊيا رپورٽن مطابق شاهه رخ خان جو پنهنجي نئين ايندڙ فلم رئيس جي هيروئن ماهره خان جي باري ۾ چوڻ هو ته هوءَ تمام سٺي اداڪاره آهي ۽ مون کي پهريان ان سان ڪم ڪرڻ گهرجي ها، هن جو چوڻ هو ته هاڻ مون کي به فلم ۾ ان وانگر ئي پرفارم ڪرڻو پوندو شاهه رخ خان جو چوڻ هو ته فلم رئيس جي هدايتڪار راهول ڍولڪيا ماهره خان کي پسند ڪيو ۽ هو فلم لاءِ مڪمل طور پورو لٿي آهي آئون ڊرامه سيريل همسفر ۾ سندس اداڪاري ڏسي چڪو آهيان ۽ ان سان ملي چڪو آهيان ماهره تمام شاندار اداڪاره آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *