شاهه رخ خان بالي ووڊ ۾ پنهنجي 23 سال مڪمل ٿيڻ جو جشن ملهايو

ممبئي (شوبز نيوز) گذريل هفتي اداڪار شاهه رخ خان بالي ووڊ ۾ پنهنجي 23 سال مڪمل ٿيڻ جو جشن ملهايو هو ۽ آخر هن واعدي موجب پنهنجي چاهيندڙن جا ٿورا مڃڻ لاءِ ٽوئٽر تي هڪ وڊيو به پوسٽ ڪيو. 2 منٽن واري ان وڊيو ۾ شاهه رخ خان اڇي شرٽ ۾ نظر اچي رهيو آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي فلمي ڪيريئر دوران ڀرپور ساٿ ڏيڻ تي پنهنجن چاهيندڙن جا ٿورا مڃا. جيتوڻيڪ ان وڊيو ۾ چاهيندڙن جا ٿورا مڃا ويا آهن پر ڪنگ خان ٽوئيٽر تي به چيو آهي ته اها سندس بهترين ڪوشش نه هئي. جيئن ته شاهه رخ خان هيءَ وڊيو ڪجھه دير سان پوسٽ ڪئي، هن دير تي معافي به گھري. پنهنجي آڱرين تي 23 جو انگ ڳڻيندي شاهه رخ سڄي دنيا ۾ موجود پنهنجي چاهيندڙن جا ٿورا مڃا، جِن سندس تصوير پوسٽ ڪئي. بالي ووڊ ۾ ٻِن ڏهاڪن واري ڪامياب سفر کان پوءِ ڪنگ خان پنهنجي چاهيندڙن سان گڏوگڏ انهن ماڻهن جا ٿورا به مڃا جيڪي کيس پسند ڪندا آهن، جڏهن ته گڏوگڏ سندس چوڻ هو ته هو لنڊن ۾ سائيڪلنگ جي هڪ وڊيو به ٺاهڻ چاهي پيو پر ايئن ڪري نه سگھيو. بالي ووڊ جي 100 ڪروڙ ڪلب ۾ شامل شاهه رخ خان کي ايندڙ سال فلم ”رئيس“ ۾ ماهره خان سان ڏٺو ويندو، جيڪا عيد تي رليز ٿيندي. جڏهن ته سندس چاهيندڙ 14 سالن کان پوءِ کيس فلم ”دلوالي“ ۾ ڪاجول سان به گڏ ڏسي سگھندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *