شادي کانپوءِ به فلمن ۾ ڪم ڪنديس: سوها علي خان

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪاره سوها علي خان چيو آهي ته هن فلم انڊسٽري کان ڪوبه وقفو ناهي ورتو ۽ شادي کانپوءِ به فلمن ۾ ڪم ڪندي رهنديس، ممبئي ۾ هڪ تقريب دوران سوالن جا جواب ڏيندي سوها علي خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته مان هن وقت به فلمن ۾ ڪم ڪري رهي آهيان ۽ ڪجهه عرصو اڳ ئي منهنجي فلم 31 آڪٽوبر جي شوٽنگ ختم ٿي آهي ۽ هنن ڏينهن ۾ ان جي پوسٽ پروڊڪشن تي ڪم جاري آهي جڏهن ته ڪجهه ئي ڏينهن ۾ فلم گهائل جي سيڪوئل گهائل ونس اگين جي شوٽنگ شروع ٿيڻ واري آهي هي هڪ ايڪشن فلم آهي جنهن ۾ مون کي سني ديول سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي رهيو آهي ۽ مان ان فلم کي تمام گهڻو اڳتي ويندي ڏسي رهي آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *