سوناڪشي سنها تامل فلم ”لنگا“ سان ڏکڻ ڀارتي فلمن ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪري ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي دبنگ گرل سوناڪشي سنها اڄ ڪلهه تامل زبان سکڻ جو ڪورس ڪري رهي آهي، سوناڪشي سنها تامل فلم ”لنگا“ سان ڏکڻ ڀارتي فلمن ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪري چڪي آهي، جنهن جو هيرو رجني ڪانت آهي، سوناڪشي تامل زبان سکي رهي آهي، سوناڪشي موجب فلم جي پروموشن يا ان سان لاڳاپيل ڪمن لاءِ هوءَ جڏهن چنائي ويندي آهي ته اتي سڀني کي تامل ۾ ڳالهائيندو ڏسي بيچيني محسوس ڪندي آهي، سوناڪشي چيو ته تامل سکڻ لاءِ مون ڪورس شروع ڪيو آهي، هاڻي اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن مان به چنائيءَ جي پروگرامن ۾ تامل ڳالهائي سڀني کي حيران ڪنديس، ذڪر لائق ڳالهه اها آهي ته ايس روي ڪمار جي هدايتن ۾ ٺهندڙ فلم ”لنگا“ ۾ رجني ڪانت ۽ سوناڪشي سنها کان سواءِ انشڪا شيٺي به اهم رول ۾ اچي رهي آهي هيءَ فلم 21 ڊسمبر تي رليز ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *