سني ليوني فلم ۾ ”سپر هيرو“ وارو ڪردار  ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ پرڏيهي ملڪ کان تعلق رکندڙ اداڪارا سني ليوني فلم ۾ ”سپر هيرو“ وارو ڪردار  ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي آهي، ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ٿيل بحث دوران هڪ مداح جي اهو پڇڻ تي ته ڇا اوهان  ”سپرويمن“ وارو ڪردار ڪري ويندا يا ان بابت ڪڏهن دل ۾ خيال آيو؟ جنهن جي جواب ۾ سني ليوني چيو ته ”ها“، کيس جڏهن به آڇ ٿي ته هو سپر هيرو وارو ڪردار ضرور ادا ڪندي. واضح رهي ته 2012ع ۾ بالي ووڊ ۾ انٽري ڏيندڙ اداڪارا هن وقت تائين 5 کان 6 فلمن ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *