”سلم ڊاگ ملين ائر“ مان شهرت حاصل ڪرڻ خوشگوار احساس هو: فريده پنٽو

لاس اينجلس (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪاره فريده پنٽو چيو آهي ته فلم ”سلم ڊاگ ملين ائر“ مان ان کي جيڪا شهرت ملي اهو هڪ خوشگوار احساس هو پر ان سان گڏ هڪ چيلينج به هو. ڀارتي ميڊيا مطابق فريده چيو اهي ته سندس اصل جدوجهد ان فلم کان پوءِ شروع ٿي. فريده هڪ ميگزين کي انٽرويو ڏيندي ٻڌايو ته مون کي پنهنجي ڪيريئر جو پهريون ڏاڪو چڙهڻ کان اڳ آخري ڏاڪي تي پهچڻو پيو ۽ ڪنهن بلندي تان ڪرڻ تمام گهڻو ڏکوئيندڙ هوندو آهي. هن چيو ته با معنيٰ ڪم ڳولهڻ تمام گهڻو ڏکيو ڪم آهي ان لاءِ هن ڪمرشل فلمن بدران اهي فلمون ڪيون جيڪي بامعنيٰ هيون. منهنجي لاءِ اهو وڏو اعزاز هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *