سلمان خان کي سريلنڪن صدر جي چونڊ مهم ۾ حصو وٺڻ مهانگو پئجي ويو

چنائي(شوبز نيوز)بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان کي ڏک ايشيا جي نوجوان نسل ۾ سڀ کان وڌيڪ پسند ڪيو ويندو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ان کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آهي ۽ اهڙو ڪجهه ان وقت ٿيو جڏهن هو سريلنڪن صدر مهيندر راجا پاڪسي جي چونڊ مهم ۾ حصو وٺڻ لاءِ ويو ته ڀارت ۾ ئي ان خلاف مظاهرا شروع ٿي ويا ڀارتي ميڊيا مطابق سلمان خان جي سريلنڪا جي موجوده صدر مهيندر راجا پاڪسي جي پٽ نمل راجا پاڪسي سان سٺي دوستي آهي هن سرلينڪا ڄائي اداڪاره جيڪولين فرنانڊس سان گڏ سلمان کي دعوت ڏني ته هو ان جي والد جي چونڊ مهم جو حصو بڻجي، ٻئي اداڪار ڪولمبو ويا ۽ اتي هنن مهيندر راجا پاڪسي جي چونڊ مهم ۾ حصو ورتو سلمان خان جي ان قدم تي سريلنڪا سان لاڳاپيل ڀارت جي ڏاکڻي رياست تامل ناڊو ۾ ان خلاف مظاهرا شروع ٿي ويا مظاهرين جو چوڻ هو ته سلمان خان اهڙي شخص جي حمايت ڪري رهيو آهي جيڪو پنهنجي ملڪ ۾ تامل ماڻهن جي قتل عام ۾ ملوث آهي.ياد رهي ته سريلنڪا ۾ تامل نسل جا ماڻهو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان آزادي لاءِ وڙهي رهيا آهن جڏهن ته مهيندر راجا پاڪسي جي حڪومت ان تحريڪ کي سختي سان دٻائي ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *