سلمان خان ڀيڻ جي شادي جي آجياڻي ۾ اداڪاره سوناڪشي سنها کي روئاري ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان پنهنجي ڀيڻ جي شادي جي آجياڻي جي موقعي تي اداڪاره سوناڪشي سنها کي روئاري ڇڏيو. ڀارتي اخبار جي رپورٽ موجب سوناڪشي ۽ سلمان پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا ته اوچتو سلمان خان تيز آواز ۾ رڙيون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون ۽ سوناڪشي روئڻ لڳي. سوناڪشي جي روئڻ کان پوءِ سلمان خان زور زور سان چوندو رهيو ته ”مون ايئن ناهي چيو“ ائين جيئن هو ڪا ڳالهه واضح ڪرڻ چاهيندو هجي. ان کان پوءِ فلمساز اشون ٻنهي وچ ۾ تڪرار کي ختم ڪرائي ماحول کي پرسڪون ڪيو. سوناڪشي سنها تازو ئي سلمان خان جي ننڍي ڀاءُ ارباز خان جي هڪ فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. چيو پيو وڃي ته ان کان پوءِ ٻنهي وچ ۾ تڪرار هلندو پيو اچي. ان کان اڳ ٻنهي دبنگ سيريز ۾ گڏجي ڪم ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *