سلمان خان جي وزيراعظم مودي سان ملاقات، ڀيڻ جي شادي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني

ممبئي (شوبز نيوز) اداڪار سلمان خان جي وزيراعظم نريندر مودي سان ملاقات پنهنجي ڀيڻ جي شادي ۾ شرڪت لاءِ دعوت ڏنو سلمان اڄڪلهه فلم بجرنگ ڀائيجان جي شوٽنگ جي سلسلي ۾ دهلي ۾ آهي هڪ نيوز چينل موجب هو پنهنجي ڀيڻ ارپنا خان جي شادي جو دعوتنامو ڏيڻ لاءِ وزيراعظم جي رهائشگاهه پهتو هو وزيراعظم سان ملاقات دوران سلمان خان سان گڏ ان جي ڀيڻ به هئي اطلاعن مطابق سلمان خان پنهنجي ڀيڻ جي شادي جو دعوتنامو شاهه رخ خان کي به ڏنو آهي ارپنا جي شادي دهلي جي هڪ تاجر خاندان ۾ آئوش شرما سان ٿي رهي آهي ٻنهي جي شادي حيرآباد جي فلڪ نما هوٽل ۾ ٿيندي اطلاع مطابق سلمان خان ان سڄي هوٽل کي هڪ هفتي لاءِ بوڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان لاءِ 3 ڪروڙ رپيا ادا ڪري ڇڏيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *