سلمان خان جي فلم ”هيرو“ جا ٽوئٽر تي چرچا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي نئين فلم ”هيرو“ جي ڪاميابي جي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئٽر تي تمام گهڻي ساراهه ڪئي پئي وڃي. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب سلمان خان جي پروڊڪشن ۾ ٺهندڙ فلم ”هيرو“ گذريل جمعي تي رليز ٿي جنهن ۾ ٻن نوجوان فنڪارن سورج پنچولي ۽ اٿيا شيٺي فلم نگري ۾ قدم رکيو. ان نئين جوڙي جي فلم رليز جي افتتاحي ڏينهن ۾ باڪس آفيس تي سٺو بزنس ڪيو، جيڪو توقع کان وڌيڪ هو. فلم جي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي هدايتڪارن، پروڊيوسرن، اداڪارن ۽ وڏي انگ ۾ مداحن ساراهه ڪئي ۽ اهو سلسلو جاري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *