سري ديوي ۽ بوني ڪپور ٻيهر گڏ فلم ڪرڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون

ممبئي (شوبز نيوز) اداڪاره سري ديوي ۽ فلم ساز بوني ڪپور ٻيهر گڏ فلم ڪرڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، بوني ڪپور 2012ع ۾ ڪامياب فلم ”انگلش ونگلش“ ٺاهي جنهن جي هيروئن طور هن پنهنجي زال سري ديوي کي چونڊيو. ڄاڻايل فلم سري ديوي جي ڪامياب فلمي واپسي جو ثبوت آهي، بوني ڪپور پنهنجي زال جي پسند جي مضمون تي نئين فلم ٺاهڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، جنهن جي هيروئين هڪ ڀيرو ٻيهر سندس زال بڻجندي. ذريعن مطابق نئين فلم ۾ سري ديوي جو رول ظاهر نه ڪيو ويو آهي، فلم جي اسڪرپٽ تي ڪم شروع آهي، جنهن جي شوٽنگ ايندڙ سال ڪئي ويندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *