سريلي راڳي اخلاق احمد جي وڇوڙي کي 17 سال ٿي ويا

ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان ۾ 70 ۽ 80 جي ڏهاڪن ۾ خوبصورت گيتن سان پاڻ مڃرائيندڙ سريلي گلوڪار اخلاق احمد جي 17 هين ورسي ملهائي وئي، 1946ع ۾ دهلي ۾ اک کوليندڙ اخلاق احمد جو ننڍپڻ ڪراچي ۾ گذريو ، هن جواني ۾ قدم رکيو ته ڳائڻ جو شوق سندس جنون بڻجي ويو،اخلاق احمد جڏهن ڳائڻ جي ميدان ۾ لٿو ته ان وقت مهدي حسن، احمد رشدي ۽ مسعود رانا جهڙن راڳين جي حڪمراني هئي،پر اخلاق جيڪو گيت ڳايو اهو دل ۽ جان سان ڳايو، 73ع کان 98ع تائين ٻڌل ڪيريئر ۾ اخلاق احمد 117 گيت ڳايا ،هن نگار ايوارڊ سوڌو ڪيترائي اعزاز حاصل ڪيا ، اخلاق احمد زندگي جي آخري 10 سال بلڊ ڪينسر سان وڙهندي گذاريا پر ڳائڻ سان محبت آخري پساهه تائين نڀائي، 4 آگسٽ 1998 تي اخلاق احمد لنڊن جي هڪ اسپتال ۾ دنيا کان وڇڙي ويو پر سندس مٺو ۽ سريلو آواز اڄ به زنده آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *