سريلنڪن بيوٽي هڪ ڀيرو ٻيهر اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريندي نظر ايندي

ممبئي (شوبز نيوز) سيڪوئل جو دور آهي، جنهن دوران ”هائوس فل ٿري“ به ٺهي رهي آهي، جنهن جي لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر سريلنڪن بيوٽي جيڪولين فرنينڊس جو نالو ورتو پيو وڃي، هدايتڪار ساجد خان جي ڪاميڊيءَ سان ڀرپور ان فلم سڀني کي کلڻ تي مجبور ڪيو هو، ان فلم جا هن وقت تائين ٻه حصا ٺهي چڪا آهن ۽ ٻنهي حصن ئي باڪس آفيس تي سٺي ڪمائي ڪئي هئي، نئين ايندڙ هائوس فل جو ٽيون حصو ٺهي رهيو آهي، جنهن ۾ سريلنڪن بيوٽي هڪ ڀيرو ٻيهر اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريندي نظر ايندي، ”هائوس فل-2“ ۾ جيڪولين فرنينڊس ان کان پهريان جان ابراهيم جي هيروئن بڻجي چڪي آهي ۽ هاڻي ان جي لاءِ نئين هيرو جي چونڊ ٿيندي، ذريعن جو چوڻ آهي ته فلم جي ايندڙ سيڪوئل ۾ ايلي اورام ۽ ايمي جيڪسن کي به ڪاسٽ ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *