سال 2015ع تبديلي جو سال ثابت ٿيندو، امريڪي ٽي وي سيريل ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪنديس: پريانڪا چوپڙا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره پريانڪا چوپڙا چيو آهي ته سال 2015ع هن لاءِ تبديلي جو سال ثابت ٿيندو. هن چيو ته هوءَ امريڪي پروڊڪشن هائوس اي بي سي جي ٽي وي سيريل ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندي جنهن لاءِ هن اي بي سي سان معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. هن پنهنجي انٽرويو ۾ چيو ته هوءَ اميد ڪري ٿي ته ايندڙ سال هن لاءِ تبديلي جو سال ثابت ٿيندو. هوءَ ايندڙ سال ڪجهه دلچسپ ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهي آهي. هن چيو ته هن پنهنجو پروڊڪشن هائوس به کولي ورتو آهي ۽ ايندڙ ۾ پنهنجي ڪم جي انداز، پنهنجي موسيقي ۾ دلچسپ تبديليون آڻيندي جيڪي يقيني طور مداحن کي پسند اينديون. هن تازو ميگزين لانچ ڪيو آهي جنهن جي ٽائيٽل جي هوءِ پاڻ زينت بڻي آهي. ايندڙ سال سندس ريليز ٿيندڙ فلمن ۾ ”دل ڌڙڪني دو”، ”باجي رائو مستاني” ۽ ”مادام جي” شامل آهن. سندس فلمن جي شوٽنگ جلد مڪمل ڪئي ويندي. ياد رهي ته اي بي سي جي مشهور ٽي وي سيريلز ۾ گري ايڪانامي، اسڪينڊل ۽ ماڊرن فيملي شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *