زندگي ۾ ناڪامي نه اچي ها ته اڄ هن مقام تي نه پهچي سگهان ها، اميتاڀ بچن

قاهره(شوبز نيوز)مصر جي شهر قاهره ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اميتاڀ بچن چيو ته، هن فيسٽيول ۾ ايوارڊ ملڻ تي تمام گهڻو خوش آهيان، هن چيو ته مصر اچي مون کي ايئن لڳي ٿو، ته هي منهنجو پنهنجو ٻيون گهر آهي، مصر جي ماڻهن منهنجي هميشه عزت ۽ احترام ڪيو، هن چيو ته  مون زندگي ۾ ڪاميابين سان گڏوگڏ تمام گهڻيون ناڪاميون به ڏٺيون آهن ۽ جڏهن به مون تي مشڪل وقت آيو ته، مون همت  هارڻ جي بجائي اڳتي وڌڻ جي سوچ رکي، هن وڌيڪ چيو ته هي منهنجي زندگي جي مشڪل وقت  ۽ ناڪامين جي وجهه جو سبب  آهي،ته هينئر مان هن مقام تي آهيان، واضع رهي ته اميتاڀ بچن “ انڊيا باءِ دي نيل فيسٽيول” جي سلسلي ۾ ان ڏينهن ۾مصر آيل هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *