زندگي کي مصروف هجڻ گهرجي: اداڪار اميتاب بچن

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار اميتاب بچن چيو آهي ته زندگي کي مصروف هجڻ گهرجي. اداڪار اميتاب بچن پنهنجي تازي انٽرويو ۾ چيو آهي ته کيس مصروف ۽ هلچل واري زندگي سٺي لڳندي اهي ڇو ته اڪيلائي ۽ وانڌڪائي ۾ ڪو فائدو ناهي هوندو. هن چيو ته زندگي مصروف هجڻ جو نالو آهي. پر ان تي ڪجهه حد تائين انسان جو پنهنجو اختيار هجڻ گهرجي. اميتاب بچن وڌيڪ چيو ته هو سيٽن تي گوڙ کي انجواءِ ڪندو آهي. اداڪار اڄ ڪلهه فلمساز شو جيت سرڪار جي فلم ”پيڪو“ جي شوٽنگ ۾ رڌل آهي. فلم جلد ئي رليز ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *