ريکا ۽ سلمان خان بگ باس ۾ 25 سالن کان پوءِ گڏ نظر ايندا

ممبئي (اسپورٽس نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ريکا اداڪار سلمان خان سان گڏ 25 سالن کان پوءِ اسڪرين تي نظر ايندي. سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب اداڪاره ريکا ٽي وي شو بگ باس سيزن 8 ۾ 25 سالن کان پوءِ سلمان خان سان گڏ اسڪرين تي نظر ايندي. ميڊيا موجب ريکا 1988ع ۾ فلم بيوي هو تو ايسي ۾ سلمان خان سان گڏ ڪم ڪيو هو. فلم ۾ سلمان سندس ڏير جو ڪردار ادا ڪيو هو. هوءَ بگ باس 8 جي ٻن قسطن م نظر ايندي. ريکا هتي پنهنجي فلم ”سپر ناني“ جيڪا جلد رليز ٿي رهي آهي جي پڻ تشريح ڪندي ۽ شرڪت ڪندڙن سان ڪچهري پڻ ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *