ريتڪ روشن ”موئن جو دڙو“ جي شوٽنگ شروع ڪري ڇڏي

ممبئي(شوبز نيوز)ريتڪ روشن ڳچ عرصي جي آرام کانپوءِ آخرڪار هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي اسڪرين طرف رخ ڪري ورتو آهي ۽ ان جي فلم موئن جو دڙو جي شوٽنگ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي انڊين ميڊيا مطابق ريتڪ روشن جي فلم موئن جو دڙو جي شوٽنگ راجسٿان جي ڳوٺ ڀوج ۾ شروع ٿي وئي، ياد رهي ته هن فلم جي شوٽنگ مسلسل التوا جو شڪار ٿيندي پئي اچي هاڻ ريتڪ روشن جي مڪمل طور تي صحتياب ٿيڻ کانپوءِ ان جي شروعات ٿي وئي آهي، بالي ووڊ جي هن خوبصورت ترين اداڪار کي آخري ڀيرو 2014 ۾ فلم بينگ بينگ ۾ ڏٺو ويو هو موئن جو دڙو جي ڊائريڪٽر آشوتوس گواريڪر آهي ۽ هو ريتڪ سان پهرين به سپر هٽ فلم جوڌا اڪبر بڻائي چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *