رنبير ڪپور ۽ بولڊ اداڪارا عاليا ڀٽ ” دل هي ڪي مانتا نهين“ جي سيڪوئل ۾ گڏ نظر ايندا

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ جو چاڪليٽي هيرو رنبير ڪپور ۽ بهادر اداڪارا عاليا ڀٽ فلم “ دل هي ڪي مانتا نهين” جي سيڪوئل ۾ گڏ نظر ايندا. ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ بولڊ ڪردار فلمائڻ ۽ اسڪينڊل ڪوئين طور مشهور عاليا ڀٽ گذريل سال رنبير ڪپور سان نه رڳو فلمن ۾ گڏ ڪم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو هو پر هن ساڻس کلي عام عشق جو اظهار ڪندي شادي جو ارادو به ڏيکاريو هو ، هاڻ انهن ٻنهي مان سندس هڪ خواهش جلد پوري ٿيڻ واري آهي. 1991ع ۾ رليز ٿيل فلم “ دل هي ڪي مانتا نهين” ۾ بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان ۽ پوجا ڀٽ مک ڪردرا ادا ڪيو هو ۽ ان فلم جي گانن وڏي مشهوري ماڻي هئي، ڀارتي ميڊِيا مطابق هاڻ فلمساز ايان مکرجي “ دل هي ڪي مانتا نهين” جو سيڪوئل ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ رنبير ڪپور ۽ عاليا ڀٽ مرڪزي ڪردارن ۾ نظر ايندا، اها سندن پهرين گڏ فلم هوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *