رنبير ڪپور منهنجي زندگيءَ ۾ تمام گھڻي اهميت رکي ٿو:ڪترينه ڪيف

ممبئيzara sheikh images 22 (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ڪترينا ڪيف ۽ اداڪار رنبير ڪپور وچ ۾ ويجھڙايون هونئن ته هر زبان تي آهن، پر ڪيترن ئي سالن جي خاموشيءَ کان پوءِ آخرڪار ڪترينا رنبير ڪپور کي پنهنجي زندگيءَ جو اهم حصو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڀارتي اخبار کي ڏنل تازي انٽرويوءَ ۾ ڪترينا ڪيف چيو ته رنبير ڪپور منهنجي زندگيءَ ۾ تمام گھڻي اهميت رکي ٿو، پر ان باوجود اسان شادي نه پيا ڪيون، نه ئي مون ان بابت ڪجھه سوچيو آهي. هڪ فلمي شخصيت هجڻ سان گڏوگڏ مان هڪ انسان به آهيان، جنهن جا ڪيترائي ذاتي مامرا هوندا آهن. هن چيو ته ميڊيا کي اسان جي ذاتي زندگيءَ ۾ دخل ڏيڻ جو ڪو حق ناهي. ياد رهي ته گذريل 4 سالن کان ڪترينا ڪيف ۽ رنبير ڪپور وچ ۾ ويجھا تعلقات رهيا آهن ۽ ان دوران ٻنهي ستارن کي يورپ جي سامونڊي ڪناري واري پٽيءَ تي گڏ گھمندي ڏٺو ويو هو، جنهن جو ڪيتريون تصويرون پڻ ڇپجي چڪيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *