رجنتي ڪانت ۽ سوناڪشي سنها جي نئين تامل فلم ”لنگا“ 12 ڊسمبر تي سينيما گهرن جي زينت بڻبي

نئين دهلي (شوبز نيوز)مشهور بالي ووڊ اداڪار رجنتي ڪانت ۽ سوناڪشي سنها جي نئين تامل فلم ”لنگا“ 12 ڊسمبر تي سينيما گهرن جي زينت بڻبي. ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن موجن لنگا سوناڪشي سنها جي پهرين تامل فلم آهي، جنهن هوءَ رجنتي ڪانت سان گڏجي ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ فلم 12 ڊسمبر تي رجنتي ڪانت جي سالگرهه جي ڏينهن رليز ڪئي ويندي، جنهن جو مداحن کي انتظار آهي، سوناڪشي پنهنجي تازي انٽرويو ۾ چيو آهي ته رجنتي ڪانت سان ڪم هڪ بهترين تجربو رهيو آهي ۽ هن رجنتي ڪانت کان گهڻو سکيو آهي، بالي ووڊ اداڪاره جو چوڻ هو ته رجنتي ڪانت فلم انڊسٽري جو سادو انسان آهي ۽ ان سان گڏ ڪم دوران گهر کان پري هجڻ جو احساس ناهي ٿيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *