رتيش ديشمک ”مستي 3“ ۾ به پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندو

ممئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار رتيش ديشمک فلم ”مستي ٿري“ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويو آهي. ميڊيا موجب هو ”مستي“ ۽ ”گرينڊ مستي“ ۾ بولڊ ڪاميڊي وارا ڪردار ادا ڪري چڪو آهي. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته هو آئينده اهڙيون فلمون نه ڪندو پر تازو ئي هن ان سلسلي جي ٽين فلم ۾ ڪم ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو آهي. فلم جي هدايتڪار جو چوڻ آهي ته سندس زور ڀرڻ تي رتيش ان فلم ۾ بولڊ ڪاميڊي ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويو آهي ۽ هو بيحد خوش آهي. فلم جي عڪسبندي جلد شروع ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *