راني مکرجي جي وڌندڙ وزن تي سندس مڙس پريشان

ممبئي(شُوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره راني مکرجي پنهنجين ادائن ۽ لچڪدار چيلهه سبب ڳچ عرصي تائين فلم انڊسٽري ۾ راڄ ڪندي رهي پر شادي کانپوءِ وزن وڌن شروع ٿي ويو جنهن ان جي مڙس کي پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو ڀارتي ميڊيا مطابق بالي ووڊ اداڪاره راني مکرجي جو شادي کانپوءِ وزن تيزي سان وڌڻ شروع ٿي ويو جنهن سبب هوءَ پاڻ به پريشان آهي پر ان جي پريسان ۾ ان وقت وڌيڪ اضافو ٿي ويو جڏهن ان جي مڙس نه صرف ان کي ٽوڪڻ شروع ڪري ڇڏيو پر وزن گهٽ ڪرڻ جو چئلينج به ڏئي ڇڏيو راني به مڙس جي چئلينج کي قبول ڪندي پنهنجو وزن گهٽ ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري ورتو ۽ ان لاءِ هن يورپ جي هڪ خصوصي جم جي چونڊ ڪئي جتي هوءَ ڪلاس وٺي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *