راحت فتح علي خان دبئي ۾ صوفي ميوزڪ فيسٽيول ۾ پرفارم ڪندو

دبئي (شوبز نيوز) پاڪستان جو پسنديده گلوڪار ۽ قوال راحت فتح علي خان دبئي ۾ صوفي ميوزڪ فيسٽيول ۾ پرفارم ڪندو. دبئي جيورلڊ ٽريڊ سينٽر ۾ 18 ۽ 19 ڊسمبر تي صوفي ميوزڪ شو منعقد ڪيو ويندو جنهن ۾ راحت علي خان آسڪر ايوارڊ يافته ڀارتي موسيقار اي آر رحمان سان گڏ پرفارم ڪندو. هن سان گڏ ڀارتي گلوڪار مينڌي چوهان هوندو. ذريعن مطابق راحت فتح علي خان ان شو ۾ پنهنجو نئون گانو پيش ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *