دپيڪا پڊڪون جي تمام گهڻي تعريف ٻڌي آهي : نريانا مرٿي

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارت جي مشهور ڪمپني انفوسيز جي گڏيل باني ۽ مالڪ نريانا مرٿي چيو آهي ته هن دپيڪا پڊڪون جي تمام گهڻي تعريف ٻڌي آهي ۽ کيس هن تي فخر آهي، سندس موجب نوجوان جڏهن پنهنجي لاءِ ڪو آئيڊيل چونڊين ته احتياط کان ڪم وٺن، ممبئي جي مقامي ڪاليج جي شاگردن کي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته دپيڪا پڊوڪون سخت محنت ڪري بالي ووڊ ۾ هڪ وڏو مقام ٺاهيو آهي ۽ هن وقت هو ڪروڙين ڀارتين جي دلين تي راڄ ڪري ٿي. نريانا موجب شاگردن کي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪو مثالي ڪم ڪرڻو آهي يا وري ڪامياب زندگي بڻائڻي آهي ته دپيڪا کي پنهنجو آئيڊيل سمجهن ۽ ان وانگر محنت ڪن. هن چيو ته رنگيني واري دنيا ۾ ديانت، محنت ۽ ايمانداري سان پنهنجي هر ڪم کي پاڙي دپيڪا پڊڪون ثابت ڪيو ته محنت سان هر شئي حاصل ڪرڻ کي ممڪن بڻائي سگهجي ٿو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *