دپيڪا پڊوڪون کي مان گنجي طور سٺو لڳندو آهيان: رنوير سنگهه

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار رنوير سنگهه چيو آهي ته اداڪاره دپيڪا پڊوڪون کي هو گنجي ماڻهو طور سٺو لڳندو آهن. پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ هن چيو ته هن فلم ”باجي رائو مستاني“ لاءِ پنهنجو مٿو ڪوڙايو آهي. فلم ۾ سندس هيروئن دپيڪا پڊوڪون آهي جنهن کي هو گنج ڪرائڻ کان پوءِ سٺو لڳي ٿو. هن چيو ته هن ساڻس مٿو ڪوڙائڻ بعد تصويرون شيئر ڪيون جنهن کان پوءِ دپيڪا سندس واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته هو عڪس بندي جي شروعات جو بي صبري سان انتظام ڪري رهي آهي ته جيئن سندس اهو انداز پنهنجي اکين سان ڏسي سگهي. هن چيو ته هن فلم ۾ ڊمانڊ مطابق مٿو ڪوڙايو آهي کيس تڪليف ته محسوس ٿئي ٿي پر جڏهن سڀني سندس واکاڻ ڪئي ته کيس به پنهنجو اهو انداز وڻڻ لڳو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *